ميجر جنرل اسڪندر مرزا

ميجر جنرل اسڪندر مرزا

جنرل ايوب خان

جنرل ايوب خان

 جنرل محمد يحيى خان

جنرل محمد يحيى خان

 ذوالفقار علي ڀٽو

ذوالفقار علي ڀٽو

چوڌري فضل الاهي

چوڌري فضل الاهي

جنرل محمد ضياءَ الحق

جنرل محمد ضياءَ الحق

غلام اسحاق خان

غلام اسحاق خان

 وسيم سجاد

وسيم سجاد

فاروق احمد خان لغاري

فاروق احمد خان لغاري

وسيم سجاد

وسيم سجاد

محمد رفيق تارڙ

محمد رفيق تارڙ

جنرل پرويز مشرف

جنرل پرويز مشرف

ميان محمد سومرو

ميان محمد سومرو

آصف علي زرداري

آصف علي زرداري

ممنون حسين

ممنون حسين

صدر پاڪستان

صدر پاڪستان: 1973ع جي آئين موجب پاڪستان جي صدر جي عهدي جو مدو پنج سال مقرر ٿيل آهي. صدر جي عهدي لاءِ اميدوار جي عمر جي حد 45 سال مقرر ڪيل آهي. اميدوار جو مسلمان هئڻ لازمي آهي. پاڪستان جي پهرين ٽن سربراهن يعني قائداعظم محمد علي جناح، خواجا ناظم الدين ۽ ملڪ غلام محمد کي گورنر جنرل چيو ويندو هو. 23 مارچ 1956ع تي نئين آئين جي نفاذ کانپوءِ پاڪستان کي ‘اسلامي جمهوريه’ قرار ڏنو ويو ته پوءِ گورنر جنرل بجاءِ سربراهه کي ’صدر‘ سڏيو ويو. پاڪستان جو پهريون صدر ميجر جنرل اسڪندر مرزا هو. ان کانپوءِ جيڪي شخصيتون ملڪ جي صدر جي عهدي تي مقرر ٿيون تن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:
(1) ميجر جنرل اسڪندر مرزا 23 مارچ 1956ع کان 27 آڪٽوبر 1958ع تائين صدر رهيو، کيس جنرل ايوب خان زبردستي استعيفا لکرائي جبري جلاوطن ڪيو.
(2) جنرل ايوب خان 27 آڪٽوبر 1958ع کان 25 مارچ 1969ع تائين صدر رهيو، کيس عوامي احتجاج جي نتيجي ۾ اقتدار تان دستبردار ٿيڻو پيو. هن آئين موجب استعيفا اسپيڪر کي ڏيڻ بجاءِ اقتدار ڪمانڊر انچيف جنرل آغا يحيى خان جي حوالي ڪيو.
(3) جنرل محمد يحيى خان 25 مارچ 1969ع کان 20 ڊسمبر 1971ع تائين صدر رهيو ۽ مشرقي پاڪستان جي ڌار ٿيڻ ۽ فوجي شڪست جي نتيجي ۾ مجبوراً استعيفا ڏني.
(4) ذوالفقار علي ڀٽو 20 ڊسمبر 1971ع کان 13 آگسٽ 1973ع تائين صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر پڻ رهيو.
(5) چوڌري فضل الاهي 14 آگسٽ 1973ع کان 16 ڊسمبر 1978ع تي پنهنجو صدارتي مدو پورو ڪري رٽائر ٿيو.
(6) جنرل محمد ضياءَ الحق 16 سيپٽمبر 1978ع کان 17 آگسٽ 1988ع تائين صدر رهيو ۽ بهاولپور ۾ جهاز حادثي سبب وفات ڪري ويو.
(7) غلام اسحاق خان 17 آگسٽ 1988ع کان 8 جولاءِ 1993ع. هن وزيراعظم نوازشريف سان معاهدو ٿيڻ جي صورت ۾ صدر ۽ وزيراعظم استعيفا ڏني.
(8) وسيم سجاد 8 جولاءِ 1993ع کان 13 نومبر 1993ع تائين صدر رهيو.
(9) فاروق احمد خان لغاري 13 نومبر 1993ع کان 2 ڊسمبر 1997ع تائين صدر رهيو ۽ نواز شريف ۽ عدالتن ۾ محاذ آرائي سبب چيف جسٽس اجمل ميان جي مقرريءَ جي سمريءَ تي صحي ڪرڻ کان انڪار ڪندي اهو چئي استعيفا ڏني ته سمريءَ تي صحي ڪرڻ غير آئيني آهي.
(10) وسيم سجاد ٻيو ڀيرو 2 ڊسمبر 1997ع کان 3 ڊسمبر 1998ع تائين صدر رهيو.
(11) محمد رفيق تارڙ پهرين جنوري 1998ع کان 20 جون 2001ع تائين صدر رهيو.
(12) جنرل پرويز مشرف 20 جون 2001ع کان 2008ع تائين ملڪ جو صدر رهيو.
(13) ميان محمد سومرو 18 آگسٽ 2008ع کان 9 سيپٽمبر 2008ع تائين قائم مقام صدر رهيو.
(14) آصف علي زرداري 9 سيپٽمبر 2008ع کان 8 سيپٽمبر 2013ع تائين رهيو ۽ پنهنجو مدو پورو ڪيائين.
(15) ممنون حسين 9 سيپٽمبر 2013ع کان موجوده وقت تائين صدر جي عهدي تي فائز آهي.


لفظ صدر پاڪستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو